پهلوان فقير ڊومڪي

پهلوان، فقير، ڊومڪي: پهلوان فقير ولد ٻڍي فقير ڊومڪي جو جنم 1880ع ۾ جيڪب آباد جي ڳوٺ رند واهيءَ ۾ ٿيو. هي هڪ صوفي شاعر ۽ خدا ترس فقير هو. شاعريءَ ۾ سندس استاد سيد رکيل شاهه صوفي هو. هن سنڌي سان گڏ اردو، سرائيڪي، بلوچي، فارسي ۽ عربيءَ ۾ پڻ صوفياڻي شاعري ڪيائين. سندس ڪلامن جو مجموعو ”دعوت العشق“ پٽس رند علي بلوچ 1983ع ۾ جيڪب آباد مان شايع ڪرايو. پنهل فقير 1358هه ۾ وفات ڪري ويو. سندس عرس هر سال مارچ مهيني ۾ سندس مرشد سيد رکيل شاهه جي عرس کان پوءِ لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو